گهرو وزير جي سمنڊ پار پاڪستانين کي پاسپورٽ فراهمي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو نوٽيس ورتو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ موجود پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽرن جو دورو ڪيو، جتي هن اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ 7 ڏينهن ۾ تڪڙا پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته نارمل پاسپورٽ 30 ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا.
محسن نقوي چيو ته پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري پاليسي دنيا جي سمورن پاڪستاني مشنز تي لاڳو هوندي، پاسپورٽ ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن وقت تي پاسپورٽ جاري نه ڪيو ويو ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
وفاقي گهرو وزير مقرر مدي اندر پاسپورٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مانيٽرنگ سيل پڻ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ اوورسيز پاڪستانين کي نارمل پاسپورٽ 4 مهينن ۾ ۽ ارجنٽ پاسپورٽ ڏيڍ مهيني ۾ ملندا هئا.

mohsinnaqvi pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.