ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت حيدرآباد سلينڊر واقعي جي متاثرن لاءِ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، فوتين جي وارثن کي 10 – 10 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته في زخمي کي 5 لک رپيا امداد ڏني ويندي.
آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سلينڊر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ فوتين لاءِ دعا ڪئي وئي.
ڄام خان شوري چيو ته وڏي وزير واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان فوتين ۽ زخمين جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون.
sindhgovt ppp muradalishah