شيخ مجيب وڊيو معاملو، ايف آءِ اي بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ رئوف حسن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ تان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعطم شيخ مجيب الرحمان جي وڊيو اپ لوڊنگ جي معاملي تي تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر، سيڪريٽري جنرل عمر ايوب ۽ مرڪزي ترجمان رئوف حسن کي طلب ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ان کان اڳ وڊيو اپ لوڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آءِ باني کي نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، هاڻ ايف آءِ اي عمر ايوب، بئريسٽر گوهر خان ۽ رئوف حسن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن.
ايف آءِ اي نوٽيس عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ جي غير قانوني استعمال تي جاري ڪيا.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آفيشل اڪائونٽ تان رياست ۽ رياستي ادارن خلاف عوام کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني جي آفيشل اڪائونٽ تان عوام ۾ خوف ۽ بي چيني پکڙجڻ جو خدشو آهي.
نوٽيس جي متن موجب چڙ ڏيارڻ سان عوام کي رياست ۽ ادارن خلاف قانون هٿ ۾ کڻڻ تي به اڪسائي سگهجي ٿو.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٽنهي اڳواڻن کي اڱاري تي 11 وڳي انڪوائري لاءِ گهرايو ويو آهي.

fia pti pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.