فرحت جوڻيجو جا الزام، اينٽي ڪرپشن کاتي واري وزير جي ترجمان جو رد عمل سامهون اچي ويو

عهدي تان هٽايل اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي الزامن تي اينٽي ڪرپشن کاتي واري وزير جي ترجمان رد عمل ڏنو آهي.
ترجمان چيو آهي ته فرحت جوڻيجي جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن، جڏهن سنڌ حڪومت فرحت جوڻيجي جي بدلي ڪئي ته هن الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
اينٽي ڪرپشن وزير جي ترجمان موجب فرحت جوڻيجو جڏهن عهدي تي هو تڏهن هن بيان ڇو نه ڏنو؟ سينيئر آفيسر جي اهڙي غلط بيان تي افسوس ٿيو، ان جي جاچ ڪرائي ويندي.
فرحت جوڻيجي ڪو خط صوبائي وزير کي ناهي لکيو ۽ نه ئي آفيس کي ڪو خط مليو آهي، هو گذريل ٻن مهينن ۾ کاتي لاءِ ڪا قانونسازي ۽ ڪنهن بهتري لاءِ ڪي اپاءَ نه وٺي سگهيو هو.
فرحت جوڻيجي کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ بهتري لاءِ جيڪو هدف ڏنو ويو هو ان تي به جوڳا نتيجا نه ڏئي سگهيو هو.
ترجمان موجب سينيئر آفيسر هوندي اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ فرحت جوڻيجي جي اهليت ۽ دماغي حالت جو اندازو ٻڌائي ٿي، سرڪاري آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي ٿيندي رهندي آهي، اڳ به سندس بدلي ٿي هئي، پهريون ڀيرو سندس بدلي ناهي ٿي.

Sindhgovt FarhatJunejo anticorruption

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.