لاهور ( ويب ڊيسڪ ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 9 مئي جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، ماسٽر مائينڊ کي سڀ کان اڳ سزا ٿيڻ گهرجي.
لاهور ۾ مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ذميواري بهتر نموني نڀايان، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي ترقي يافتا بڻائينداسين.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گورنر ۽ وفاق جو نمائندو هجڻ طور منهنجي ذميواري آهي ته عوام جا مسئلا هل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريان.
سندس چوڻ هو ته گورنر هائوس خيبرپختونخوا ڪڏهن به سازش جو ڳڙهه نه بڻجندو، وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور جلسن ۾ ڌمڪيون ڏئي ٿو، سڄو پاڪستان هر ڪنهن جو آهي، ڪير ڪنهن ئي ٻئي صوبي ۾ وڃڻ کان نٿو روڪي سگهي.
گورنر خيبرپختونخوا جو چوڻ هوته پهريان مان وزيراعليٰ سان سختي ڪئي، منهنجي علي امين گنڊاپور سان ڪا دشمني ناهي، سندس مجبوري جي خبر پئي، لفظي جنگ کي مان ختم ڪري کاڌي جي دعوت ڏني.
مان اڄ به وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي دعوت ڏيان ٿو ته وزيراعليٰ هائوس اچي.
هن چيو ته چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جلد خيبرپختونخوا جو دورو ڪندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي موجب پي ٽي آءِ رياست سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن سياستدانن سان ڳالهائڻ چاهين ٿا ته اسان تيار آهيون……
9May FaisalKareem KPK