ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم، جيڪب آباد ۾ پارو 50 ڊگري کان ٽپي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ڏاکڻن علائقن ۾ وڌيڪ گرمي سان گڏوگڏ آنڌاري ۽ واچوڙن جو امڪان آهي.
گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
دادو ۾ 49، خيرپور ۾ 48، موهن جي دڙي ۾ 47، لاڙڪاڻي ۾ 46 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو هو.
ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ هو ۽ اڄ 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30 ڊگري رڪارڊ ٿيو هو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ ڏکڻ اولهه کان 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن جن ۾ 73 سيڪڙو گهم آهي.

Heatwave Heat Jacobabad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.