ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين شپ تان هٽايل فرحت جوڻيجو کاتي ۾ ڪرپشن جا الزام هنيا آهن.
اڳوڻي چيئرمين فرحت جوڻيجي الزام هنيو آهي ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ ڪرپشن جي بازار لڳل آهي، هر مهيني 6 کان 7 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي.
فرحت جوڻيجي موجب اينٽي ڪرپشن ۾ بدلين ۽ مقررين تي هڪ خانگي ماڻهو شهريار مهر نظام هلائي رهيو آهي، ڊائريڪٽر توڻي شهريار مهر تازو ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي مقررن تي 15-15 لک رپيا رشوت ورتي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته سرڪل آفيسرن جي مقررين تي 5 کان 10 لک رپيا رشوت ورتي وئي، عيد کان اڳ رشوت طور مون کي هڪ لفافو ڏنو ويو جيڪو مون ڊائريڪٽر کي واپس ڪيو….
anticorruption Farhatjunejo Sindhgovt