پيٽرول 15 رپيا ڄاڻائي رڳو 4 رپيا 74 پئسا سستو

اسلام آباد( م ڊ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا 40 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا گهٽتائي جو فيصلو ٿيو هو. ناڻي واري وزارت ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ن حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت جي عوام دوست پاليسين جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ عوام دوست پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي. . جڏهن ته ميڊيا تي پيٽرول 15 رپيا 39 پئسا ليٽر سستو ڪرڻ بدران رڳو 4 رپيا 74 پئسا،ڊيزل 3 رپيا 86 ۽ گاسليٽ هڪ رپيو 87 پئسا ليٽر سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60 رپيا ليوي برقرار  آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.