اسلام آباد(عمر چيما) حڪمران جماعت نواز ليگ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف گهڻو سرگرم ٿي چڪي آهي، نيب هن خلاف ڪيس کولي ڇڏيا آهن، سسٽم ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف اهميت رکن ٿا، ماضي ۾ جنرل عاصم منير ملڪ رياض هٿان ڏنگجي چڪو آهي، ڇو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ طور مقرري دوران جنرل عاصم منير ملڪ رياض جي ڪرتوتن بابت عمران خان کي آگاهي ڏني هئي جنهن تي عمران خان جنرل باجوا کي چئي جنرل عاصم منير کي آءِ ايس آءِ سربراهه طور هٽرائي ڇڏيو هو،آرمي چيف ملڪ رياض لاءِ نرم گوشو نٿو رکي، هن ڀيري ملڪ رياض کي ڪا خاص رعايت ملڻ جو امڪان ناهي، 190ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ شهبازشريف ملڪ رياض بابت لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار نه هو پر آصف زرداري وچ ۾ پئي چيو ته ملڪ رياض سان دوستي آهي، هن ڀيري آصف زرداري طئي ڪندو ته سسٽم ۾ ملڪ رياض لاءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ ملڪ رياض پنهنجي ريئل اسٽيٽ لاءِ آصف زرداري کي پنهنجو ”گرو“ مڃي ٿو،بحريا ٽائون ڪراچي لاءِ سنڌ حڪومت 12هزار ايڪڙ کان به وڌيڪ زمين غيرقانوني طور تي ڏني وئي هئي، ڪلفٽن ۾ 102 منزل بحريا آئيڪون ٽاور زرداري گروپ ۽ ملڪ رياض جو گڏيل وينچر آهي،ان کان علاوه دي اوپل 225 ڪلفٽن ۾ به زرداري گروپ ۽ ملڪ رياض جي ڀائيواري آهي،ان ۾ آصف زرداري،فريال ٽالپر بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل آهن،جڏهن ته ماضي ۾ مشهور زمانه 26 جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪل 35 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي هئي جنهن مان 10 ارب رپيا بحريا ٽائون جي اڪائونٽ مان موڪليا ويا هئا،ذريعن موجب ميڊيا ۾ هُل هليو هو ته آصف زرداري ۽ ملڪ رياض وچ ۾ هاڻي اڳ وارا لاڳاپا ناهن اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي،انهن لاڳاپن جي بنياد تي ئي ملڪ رياض بحران مان نڪري ويندو،ملڪ رياض جي ويجهي دوست جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض ۽ آصف زرداري جو وار به ونگو نه ٿيندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 01 جون 2024ع تي شايع ٿيو