شهيد نصرالله جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ ۾ تحريڪ جاري

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر( نمائندا) شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۽ صحافين سان زيادتين خلاف صحافين احتجاجي مظاهرا ڪيا. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جيقاتلن ۽ صحافي حيدر مستوئي مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح ۽ خزانچي جاني خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ کي صحافين لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو آھي، سنڌ ۾ پھريان جان محمد مھر ۽ ان کانپوء ھاڻ نصر الله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو، جڏھن تہ ڪجھه ڏينھن اڳ وري ٻٻرلوءِ جي صحافي حيدر مستوئي کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪيو ويو آھي. مظاھري ۾ ايم ڪيو ايم جو ايم پي اي راشد خان، سينيئر صحافي منصور مري، منير نارائي، اشوڪ راماڻي، فاضل چنا، راجا انور چانڊيو، حسيب لطيفي، علي واحد شاھه، ساجد علي خان، فرحان آفندي، عرفان عرفي، اعجاز کوسو، حسنين علي واحد ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا. ميرپور ماٿيلو ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِپ ريس ڪلب ميرپور ماٿيلو کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو ،ريلي جي اڳواڻي اسد پتافي ، برڪت ميراڻي ، آدم پتافي ، لطيف وسير ،لطيف لغاري ۽ جنيد جلباڻي ڪري رھيا ھئا ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين ، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت صحافين شرڪت ڪئي. صحافتي تنظيمن جي سڏ تي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس ميرپور ماٿيلو آڏو احتجاج ڪيو ويو نيشنل پريس ڪلب ڏھرڪي جي صحافين لالا قادر ڀٽو، اجيت ڪمار ، اسلم حسيني ، عابد علي ، سجاد حسين منگي ، قادر جٽ ، سني ڪمار، امتياز ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي لالا قادر ڀٽو، اجيت ڪمار  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پوليس يارنھن ڏينهن گذرڻ باوجود اصل قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آھي. ٽنڊو حيدر ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن خلاف ٽنڊوحيدر ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيئر صحافي آصف رضا کوسو. عرس خاصخيلي. ڪامران علي کيڙو. ڊاڪٽر شاهد خانزاده. اسد خانزاده ۽ تيمور خان سميت ايس ٽي پي  اڳواڻ عبدالشڪور پرهياڙ ۽ ٻين چيو ته قلم ڌڻين جي حق سچ لکڻ تي کين اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪن کي قتل ڪيو ويو. صحافين جو قتل عام ۽ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري حملا ڪرڻ سميت ٽائيم نيوز ٻٻرلو جي رپورٽر حيدر مستوئي تي قاتلاڻي حملي ۽ عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصراللّٰه گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي سڏ تي صحافين ۽ سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن پاران نيشنل پريس ڪلب جي صدر منظور مھيسر عبدالرحمن قمبراڻي فراز چنا صابر ڪولاچي عامر تيوڻو ، رضوان حيدر تنيو عبدالغفار شاھاڻي آزاد چنا سڌير چانڊيو ، مولانا مسعود مدھوش ، عقيل ميمڻ ، عادل تيوڻو ، مدثر کوکر ، ڊاڪٽر انصاف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي، مختلف رستن کان ٿيندي ايس ايس پي آفيس پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، اڳواڻن ڀوتار مائي فوٽ، سردار مائي فوٽ ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ زوردار نعرا هنيا ويا. ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ايس ايس پي آفيس پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن، شهرين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڀوتار مائي فوٽ، سردار مائي فوٽ ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ زوردار نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن ڄام فتاح سميجو، حاتن خان شر،اسد پتافي،لطيف لغاري،الھوسايو وسير،برڪت ميراڻي،پريم راٺوڙ، ثاقب گڏاڻي،هادي بخش جلباڻي، قاضي شفقت الله ۽ ٻين چيو ته ميرپورماٿيلو جي سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي کي حق ۽ سچ لکڻ توڙي چوڻ تي بنا جواز قتل ڪري ڇڏيو آهي، ماڳ مومل جي ماڙي جي مختلف سياسي , سماجي اڳواڻن ۽ صحافين ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب تائين پريس ڪلب جي صدر يونس ڀٽو , احسان ڪلادي ۽ سراج ڀٽو جي اڳواڻي ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي سامارو ۾ قلم ڌڻين صحافين  پاران احتجاج ڪيو ويو سخت نعريبازي ڪئي وئي سامارو پريس ڪلب آڏو صحافين ڏاتر بخش سينهڙو.  لعل بخش خاصخيلي . ڪيول سورماڻي. بشير شاھاڻي. دليپ ڪمار ميگهواڙ. سماجي اڳواڻ محمد عظيم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي وڏي انگ ۾ قلم ڌڻين احتجاجي مظاهرو ڪري شھيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي لاء نعريبازي ڪئي وئي.

ٽنڊو حيدر ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن خلاف عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ صحافي سٿ  طرفان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سينيئر صحافي آصف رضا کوسو عرس خاصخيلي ڪامران علي کيڙو ڊاڪٽر شاهد خانزاده اسد خانزاده تيمور خان سميت ايس ٽي پي  اڳواڻ عبدالشڪور پرهياڙ ۽ ٻين چيو ته صحافي ملڪ جو چوٿون ستون آھن هر دور ۾ قلم ڌڻين جي حق سچ لکڻ تي کين اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪن کي قتل ڪيو ويو

  1. شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سنڌهاءِڪورٽ ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي .درخواست وڪيل ماجد گبول ، وڪيل عمار دايو ۽ ٻين داخل ڪئي.درخواست  گذارن جو چوڻ آهي ته 21مئي 2024 تي گهوٽڪي ضلعي جي علائقي ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي کي جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جڏهن علائقي جا ماڻهو صحافي نصرالله گڏاڻي کي بچائڻ لاءِ آيا ته جوابدارن هوائي فائرنگ ڪري ڀڄائي ڇڏيو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نصرالله گڏاڻي کي پهريان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو جتي کيس ڳڻتي جوڳي حالت سبب رحيم يار خان شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيو ويو. ڪراچي ۾ نصرالله گڏاڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.درخواست گذارن جو چوڻ آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل مقامي وڏيرن  پاران کليل دهشتگردي آهي. صحافي نصرالله گڏاڻي مظلومن  جو آواز هو، وڏيرن  ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف آواز اٿاريندو هو.2020ع ۾ به شهباز لنڊ جي غير قانوني پروٽوڪول جي وڊيو ٺاهڻ تي ايم پي اي جي پٽ مٿس  فائرنگ ڪئي هئي، جنهن تي نصرالله گڏاڻي شهباز لنڊ خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته نصرالله گڏاڻي کي جعلي ايم پي او تحت نظر بند به ڪيو ويو هو. نصرالله گڏاڻي تي حملي جو ڪيس 7 ڏينهن کانپوءِ داخل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪيس خراب ٿئي. سنڌ حڪومت کي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جڊيشل  ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي.عدالت کي درخواست تي تڪڙي  ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ به درخواست ڪئي وئي.عدالتي ڪميشن ۾ ايماندار ۽ ماهر پوليس آفيسرن کي به شامل ڪيو وڃي. 21مئي جي واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي.

  1. شهيد نصرالله جو قتل شعور جو قتل آهي: جساف اڳواڻ

ڪراچي اوڀر (شفقت نوناري) جساف ضلعي دائود يونيورسٽي شهيد بشير خان قريشي طرفان شھيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو  ڪوٺايو ڪيو ويو ،تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تعزيتي ميڙاڪي ۾ جساف اڳواڻن صدر وسيم جمالي، نائب صدر ڪاظم لغاري، جنرل سيڪريٽري عطا حسين گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي بيرحماڻي ٿيل قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، شهيد نصرالله گڏاڻي جو قتل هڪ فرد جو قتل ناھي پر شعور جو قتل سمجهون ٿا، جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙن جي پَتِ وائکي ٿي چڪي آھي ھتي اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي اصولن تي به بندش آھي، جساف شهيد نصرالله گڏاڻي جي خاندان، دوستن ۽ ساٿين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي ۽ جساف يڪجهتي طور ساڻن گڏ آھي. اسان  جساف شهيد بشير خان قريشي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪري ٿو ته شهيد جي قتل جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي قانوني ڪثهڙي ۾ سزا ڏني وڃي.

  1. جيئي سنڌ محاذ پاران نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاج جي حمايت

ڪراچي(رپورٽر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پنهنجي بيان ۾ سنڌ صحافي اتحاد طرفان ٻـ جون بروز آچر تي شھيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  ڏنل احتجاج واري سڏ جي حمايت  جو اعلان ڪيو آھي،هن سموري سنڌ جي شعور کي اپيل آھي تـ آچر تي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  ڀرپور احتجاج ڪن ،جيئن سنڌ مان وحشت جو راڄ ختم ٿئي، قانون جي حڪمراني بحال ٿئي.

  1. بدين ۾ سڀاڻي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ ميڙاڪو رٿيل

بدين(ڊ ر)شمشيرالحيدري اڪيڊمي پاران بدين پريس ڪلب جي سهڪار سان بدين پريس ڪلب ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ سڀاڻي آچر تي شام چار وڳي پروگرام منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ حافظ  نظاماڻي سميت ٻيا سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ڪاروباري اڳواڻ ۽ صحافي شرڪت ڪندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.