اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جو ڄمون ڪشمير ۾ جاري ظلم روڪڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جو 5 ڏينهن جو سڪاري دورو ڪندو، وزيراعظم چيني صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن جي دعوت تي چين جو دورو ڪندو.
هن ٻڌايو ته پنهنجي دوري دوران وزيراعظم چيني ڪمپنين سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم پاڪستان اقتصادي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
پرڏيهي ترجمان موجب دوري دوران وزيراعظم چين ۾ پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وينديون.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي افغان سرزمين مان جيڪي خدشا آهن اهي افغان حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ترجمان چيو ته سپريم ڪورٽ جي برطانوي هاءِ ڪمشنر کي لکيل خط تي پرڏيهي آفيس ڪا راءِ نه ڏيندي، سپريم ڪورٽ ملڪ جو سڀ کان وڏو آئيني ادارو آهي، ٻاهرين سفارتڪارن کي پاڪستان جي اندروني معاملن تي تبصرو ڪرڻ ۾ محتاط رهڻ گهرجي.
هن چيو ته پرڏيهي آفيس سپريم ڪورٽ کي ڪنهن قسم جي ڪا ايڊوايئز نه ڏيندي، سپريم ڪورٽ هڪ سپريم ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي مقامي معاملن کي حل ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي سفارتڪارن کي پاڪستان جي اندروني معاملن تي تبصرو ڪرڻ ۾ محتاط رهڻ گهرجي: پرڏيهي کاتو
You might also like