”سنڌ حڪومت جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ لاءِ 25 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ ڏئي ٿي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ ادارن لاءِ 25 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ ڏئي ٿي، اهي ادارا پهريان وفاقي حڪومت جا هئا، هن وقت هنن ادارن ۾ 4200 بيڊز آهن، اهو سنڌ حڪومت جي محنت ۽ نجي شعبي جو اعتماد آهي. ٽيريٽري ڪيئر ۾ جي پي ايم سي ۽ ٻيون اسپتالون سنڌ جو فخر آهن.
وڏي وزير جي پي ايم سي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.
تقريب ۾ ايڇ اي سي سنڌ جو چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، وائيس چانسلرز پروفيسر نصرت شاهه، امجد سراج، گلشن ميمڻ، سي اي او آغا خان يونيورسٽي ڊاڪٽر فرحت عباس، ايگزيڪٽو ڊرائيڪٽر جي پي ايم سي ڊاڪٽر شاهد رسول ۽ ٻيا ماهر شريڪ ٿيا.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جي پي ايم سي کي خدمت ۽ تعليم سان گڏوگڏ تحقيق ۾ اڳتي وڌندي ڏسڻ سٺو سنوڻ آهي، صحت يا ڪو ٻيو شعبو، تحقيق ۽ جدت کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته مان يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ڊجيٽلائزيشن ۽ اي آءِ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي. ڊجيٽلائزيشن ۽ اي آءِ ڪيترن ئي طريقن سان صحت جي تحقيق ۾ انقلاب آڻي رهيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته مشين لرننگ جهڙي اي آءِ ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪن، ماهرن کي گهرجي ته نئين علاج جي جاکوڙ ڪري دوائن کي مارڪيٽ ۾ وقت سر ۽ سستي اگهه تي آڻين، اي آءِ سان هلندڙ ٽولز، وسيلن، انتظامي عمل ۽ طبي سهولتن کي بهتر بڻائي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت الگورٿم تي ڪم ڪندڙ محققن جي مدد ڪندي….

Sindhgovt CMMuradAliShha JPMC NICVD NICH

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.