اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن تحريڪِ انصاف کي ڇڪتاڻ گهٽائڻي آهي ته پي ٽي آءِ باني پنهنجو وات بند رکي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته مجيب الرحمان جي حوالي سان ٽوئيٽ تان هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اِهو ڀيرو ڀيرو آهي جو پي ٽي آءِ وارن کي ڪنهن پوسٽ تان هٿ کڻڻو پئجي رهيو آهي ، پر کيس لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ باني ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ٻيهر نوَ مئي جهڙي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اوڀر پاڪستان سانحي جو حوالو ڏئي ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهي ٿو، سياست يا راند ۾ جنهن به پي ٽي آءِ باني سان چڱائي ڪئي هن سڀني کي ڏنگيو آهي.
PTI ImranKhan KhawajaAsif