سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ قائم ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 13 رڪني فل ڪورٽ جي سربراهي ڪندو.
اعليٰ عدالت جي فل ڪورٽ 3 جون تي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندي، سني اتحاد ڪائونسل تي فل ڪورٽ جوڙڻ جو فيصلو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي ڪيو آهي.
ياد رهي ته 6 مئي تي سپريم ڪورٽ 14 مارچ جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان گڏوگڏ پهرين مارچ جي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سني اتحاد ڪائونسل کي عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن کان محروم ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
3 مئي تي پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نه ملڻ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو……

SunniIttehadCouncil PTI SupremeCourt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.