شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست داخل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست وڪيلن ماجد گبول، عمار دايو ۽ ٻين داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ درخواست گذارن چيو آهي ته 21 مئي تي جوابدارن فائرنگ ڪري نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو، جڏهن علائقي جا ماڻهو کيس بچائڻ لاءِ پهتا ته جوابدارن هوائي فائرنگ ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو.
درخواست گذارن موجب نصرالله گڏاڻي کي پهريان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو هو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو
رحيم يار خان کانپوءِ زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيو ويو جتي زخمي صحافي دم ڏنو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل مقامي وڏيرن پاران کليل دهشتگردي آهي، صحافي نصرالله گڏاڻي مظلومن جو آواز هو، وڏيرن ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف آواز اٿاريندو هو.
درخواست موجب 2020ع ۾ به شهباز لنڊ جي غير قانوني پروٽوڪول جي وڊيو ٺاهڻ تي ايم پي اي جي پٽ مٿس فائرنگ ڪئي هئي جنهن تي نصرالله گڏاڻي شهباز لنڊ خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته نصرالله گڏاڻي کي جعلي ايم پي او تحت نظر بند به ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي حملي جو ڪيس 7 ڏينهن کانپوءِ داخل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪيس خراب ٿئي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت کي تڪڙي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ به درخواست ڪئي وئي.
درخواست گذارن موجب عدالتي ڪميشن ۾ ايماندار ۽ ماهر پوليس آفيسرن کي به شامل ڪيو وڃي، 21 مئي جي واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ذميوارن کي وائکو ڪيو وڃي.

SHC Nasrullahgadanicase AwamiAwaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.