رياست مخالف ٽوئيٽ مامرو، عمران خان ايف آءِ اي ٽيم کي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ واري معاملي تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ٽيم سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيل ذريعن موجب، ٽيم رات دير سان اڊيالا جيل پهتي، پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي ٽيم جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ذريعن موجب، عمران خان ايف آءِ اي ٽيم سان جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان به انڪار ڪيو ۽ ايف آءِ اي ٽيم کي جواب ۾ چيو ته ڪنهن به سوال جو جواب وڪيلن جي موجودگي ۾ ڏيندس.
ٻئي پاسي ايف آءِ اي ٽيم پي ٽي آءِ باني جو لکت ۾ موقف حاصل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته ايف آءِ اي ٽيم عمران خان جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان رياست مخالف وڊيو پوسٽ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.

FIA ImranKhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.