ڊونلڊ ٽرمپ ڏوهي قرار، آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳوڻي صدر کي سزا ٻڌائي وئي

واشنگن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳوڻي صدر کي سزا ٻڌائي وئي آهي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪاروباري رڪارڊ ۾ جعلسازي تي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ کي سزا نيو يارڪ جي جيوري ٻڌائي، ڊونلڊ ٽرمپ تي 34 الزام لڳايا ويا هئا جيڪي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي ادائيگي بابت هئا.
اها رقم فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي ادا ڪئي وئي هئي.
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام هو ته هن 2016 جي چونڊن جي موقعي تي اسٽارمي ڊينيئلز سان لاڳاپن کي لڪائڻ لاءِ کيس رقم ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن کٽي ويو هو.
ڊونلڊ ٽرمپ کي 11 جولاءِ تي سزا ٻڌائي ويندي، اڳوڻي صدر کي جيل موڪلي سگهجي ٿو، قانوني ماهرن موجب ڏنڊ جو وڌيڪ امڪان آهي…..

DonaldTrump guilty  2016election

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.