ڪراچي (رپورٽر)فيملي عدالت ويسٽ ۾ اڳوڻي ايم پي اي دعا ڀٽو تحريڪ انصاف سنڌجي صدر حليم عادل شيخ کان خلع وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .دعا ڀٽي پنهنجي ٻن سال جي پٽ ڪامل شيخ جي خرچ لاءِ به درخواست داخل ڪري ڇڏي ،عدالت دعا ڀٽو جي درخواست تي حليم عادل شيخ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حليم عادل شيخ پنهنجي پٽ کي خرچ نه ڏيندو آهي،دعا ڀٽي حليم عادل شيخ سان وڌيڪ زندگي گڏ نٿي گذارڻ چاهي،يادرهي ته حليم عادل شيخ دعا ڀٽي سان 8سال اڳ شادي ڪئي هئي .2022ع ۾ دعاڀٽي ملير جي عدالت ۾ خلع جو ڪيس داخل ڪيو هو بعد ۾ صلح ٿيڻ کان درخواست واپس ورتي هئي .حليم عادل شيخ چيو ته مون کي نوٽيس نه مليو آهي اگر نوٽيس ملندو ته جواب ڏيندس.
PTI DuaBhutto HaleemadilShaikh