شيخ مجيب جي وڊيو رکڻ تي عمران خلاف انڪوائري جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ونگ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف آءِ اي سائبر ونگ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڪوائري جو فيصلو عمران خان جي آفيشل ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) هينڊل تان شيخ مجيب الرحمان جي پروپيگنڊا وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ تي ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب 26 مئي تي پي ٽي آءِ جي باني ايڪس هينڊل تان شيخ مجيب الرحمان جي نالي سان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي سائبر ونگ پي ٽي آءِ جي 4 ماڻهن سان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم عمران خان، بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽  رئوف حسن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اهو طئي ڪندي ته وڊيو پي ٽي آءِ جي باني پاڻ ٽوئيٽ ڪئي يا سندن اجازت سان ڪئي وئي. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ونگ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ بابت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ ۽ وڊيو تي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. عمران خان جي آفيشل هينڊل تان هن ٽوئيٽ ۾ شيخ مجيب ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل يحيٰ خان جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو آهي ته هر پاڪستاني کي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڙهڻ گهرجي ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته اصل غدار ڪير هو. جنرل يحيٰ خان يا شيخ مجيب الرحمان – پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني چيئرمين عمران خان. ايف آءِ اي نوٽيفڪيشن ۾ کيس مڪمل طور تي گمراهه ڪيو آهي، جنهن جو مقصد سپاهين کي فوجي قيادت کان نفرت پيدا ڪرڻ ۽ بغاوت کي ڀڙڪائڻ آهي ته جيئن هو پنهنجا فرض سرانجام نه ڏئي سگهن.

FIA ImranKhan PTI PakArmy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.