ملڪ ۾ قهر جي گرمي باوجود لوڊشيڊنگ، شهري رستن تي نڪري آيا

ڪراچي/اسلام آباد( رپورٽر/م ڊ) سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن، مختلف علائقن ۾  لوڊشيڊنگ جو وقت 18 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 12 کان 15 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو.احتجاج ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي سميت ٻين ميمبرن به شرڪت ڪئي. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ 14 ڪلاڪ ۽ سکر ۾ 15 کان 16 ڪلاڪ بجلي معطل رهي ٿي. ٻئي طرف جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ 14 کان 18 ڪلاڪ، ٺٽي ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي بندش خلاف شهرين احتجاج ڪيو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي. ڪراچي ۾ اڄ جمعي جي نماز کان پوءِ شهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف روڊن تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو آهي ته جمعي جي نماز کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ خلاف روڊن تي نڪري اچو ۽ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو .ان کان علاوه ڪماليا ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ، وهاڙي ۾ 6 کان 10 ڪلاڪ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سوات ۾ 10 کان 16 ڪلاڪ ۽ بنون ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي معطل آهي، جڏهن ته هنگو ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري مين هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏي. ٻئي طرف ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي شدت جاري آهي. موهن جو دڙو پهريون ڀيرو 51 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهتو. جيڪب آباد ۾ گرمي پد 50 ٿي ويو. روهڙي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ دادو ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.  حيدرآباد، راجن پور ۽ سوئي ۾ 47، ملتان ۽ بهاولپور ۾ 46، جڏهن ته فيصل آباد ۾ پارو 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو.

loadshedding protest pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.