شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا،سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا،سنڌ سراپا احتجاج بڻيل خبر موجب گمبٽ ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي صحافين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ  سميت سموري ملڪ ۾ صحافي غير محفوظ آھن ڪرپٽ سسٽم کي وائکو ڪرڻ ۽ حق سچ لکڻ تي مٿن ھر روز حملا ڪيا پيا وڃن هوڏانهن شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گڏاڻي نوجوان اتحاد جي سڏ تي خانپورمهر ۾ طالب گڏاڻي، زين العابدين گڏاڻي، منير احمد گڏاڻي، دين محمد، اسد گڏاڻي، عبدالسلام، خالد محمود گڏاڻي، علي دوست گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي تعلقه پريس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ظالمن گهوٽڪي ضلعي جي بيباڪ صحافي نصرﷲ گڏاڻي ظالمن شهيد ڪري ڇڏيو آهي پر افسوس جو هن وقت تائين پوليس قاتلن جي گرفتار ناهي ڪري سگهي،هوڏانهن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف اڄ  10 وڳي صحافي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب کان ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس تائين ريلي ڪڍي ويندي ان موقعي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاء عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويندوهوڏانهن پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ جي نوجوان صحافي حيدر مستوئي تي فائرنگ ڪندڙ ۽  شھيد صحافي نصرالله  گڏاڻي جي ناحق ٿي ويل خون سان انصاف لاء  پريالوءِ جي صحافين عبدالجبار، ثناءﷲ،صوبل ،مشتاق احمد ،انور ناريجو ظفر بلوچ عمران اوڍو عبدالسلام، محمد عمر ڀٽو ، سميت ٻين صحافين ٻانھن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب پريالوءِ  آڏو احتجاج  ڪيو، صحافي حيدر مستوئي مٿان حملي خلاف سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ خيرپور يونين آف جنرلسٽس جي سڏ تي صوڀوديرو يونين آف جرنلسٽس پاران اڪبر شاهاڻي، قربان علي منگي، بلاول سهتو، سيد پياس علي شاھ، حاڪم جوکيو، گل حسن چانڊيو، امير شاهاڻي، علي مردان شاهاڻي، نديم شيخ، فياض راڄپر، صدام حسين سومرو، منٺار ڊومڪي، وحيد شاهاڻي، ظهور ڄامڙو، مظفر شيخ، انصاف منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سوئي گئس ۾صوفي ياسين راڄپر، حسين بخش ڪٻر ،علي مردان شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ حيدر مستوئي تي حملي ،شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار، سکر پريس ڪلب جي لالا شهباز پٺاڻ، سکر سيفما چيپٽر، سکر فوٽو جرنلسٽس، وومين ورڪنگ جرنلسٽس جي صدر سحرش کوکر، ياسر فاروقي، صلاح الدين قريشي، جلال الدين ڀيو، يارمحمد سومرو،ڪاشف ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،احتجاج ۾ مجاهد بوزدار، عبدالجواد عباسي سميت ٻٻرلوءِ پريس ڪلب جي صحافين جو وڏو انگ شامل هو.

Nasrullahgadani AwamiAwaz Protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.