اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس بشرا بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا تي حملي جو ڪيس پي ٽي آءِ جي وڪيل علي اعجاز بٽ ۽ نعيم پنجوٿا تي داخل ڪيو آهي. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي سميت ٻيون شقون لاڳو ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ عدت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج شاهه رخ ارجمند جي چيمبر ۾ وڃڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي وڪيلن خاور مانيڪا کي بوتلن سان ماريو ۽ عدالت جي احاطي اندر کيس چماٽون به هنيون.