فوج ۽ عوام ۾ وڇوٽين لاءِ ڊجيٽل دهشت گردي ڪئي پئي وڃي\فارميشن ڪمانڊرز

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي قيادت جو چوڻ آهي ته رياستي ادارن خاص طور تي پاڪ فوج خلاف شروع ڪيل ”ڊجيٽل دهشتگردي“  ناپاڪ سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين سهولتڪارن جي مدد سان ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد پاڪستاني قوم ۾ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ذريعي مايوسي پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي ادارن خاص ڪري پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ خال پيدا ڪرڻ آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس جو بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ضروري آهي ته 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪندڙن، سازش ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فورم اتفاق ڪيو ته ملڪ انهن مقصدن کان واقف آهي ۽ انهن قوتن جي ارادن کي شڪست ڏني ويندي. بيان موجب فورم افغان سرحد پار مسلسل ڀڃڪڙين ۽ افغان سرزمين استعمال ڪندي دهشتگردي جي رٿابندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فورم خدشن جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جا دشمن افغانستان کي استعمال ڪري سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پڌرائي موجب، فورم بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن  ٻاهرين پروپيگنڊا جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ”فورم جو چوڻ آهي ته پروپيگنڊا ڪندڙن کي پرڏيهي اسپانسرڊ پراڪسيز جي مدد حاصل آهي ته جيئن بلوچستان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقي کان پري رکيو وڃي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن کي ايصال ثواب لاءِ فاتحا خواني ڪئي وئي ۽ ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختاري لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جواننم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.