نصرالله گڏاڻي جي قتل ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سنڌياڻي تحريڪ جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر شھيد صحافي نصر ﷲ گڏاڻي جي قتل ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف سنڌياڻي تحريڪ  طرفان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سورٺ مڱڻهار، عظمت ھاليپوٽو، شازيه جوڻيجو، ساک سنڌو، صفيه سرمد، ڪائنات ڪلوئي، سرمد راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصرﷲ جو ناحق خون لوڙهڻ جي سازش ٿي رهي آهي. نصرﷲ گڏاڻي قتل جي بوگس ايف آئي آر رد ڪيون ٿا. نصر ﷲ گڏاڻي جا قاتل سرعام آزاد گهمي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ پوليس قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جا وڏيرا ۽ سردار سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيون ويٺا آهن.

NasrullahGadani Protest SindhianiTahreek

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.