پريا ڪماري جي اغوا ۽ نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف حيدرآباد ۾ ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي (شھيد ڀٽو) جي سڏ تي معصوم نياڻي پريا ڪماري، جيڪب آباد جي نويد لاشاري ۽ سکر جي علي اصغر مڱريو جي بازيابي، صحافي نصرالله گڏاڻي قتل سميت سنڌ ۾ صحافين  سان ٿيندڙ ظلم, ڏاڍ ۽ قتل عام، ڌاڙيل ۽ بدامني خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جي اڳواڻ زبير احمد جتوئي، رحيم کوسو، عبدالمجيد سيال، محبوب سيال، اعظم خان ڍومڪي، ارشاد خاصخيلي، سيد حسنين شاهه سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سکر مان نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ٿيندي 3 سال ٿي ويا آهن، جيڪب آباد مان نويد لاشاري جيڪو ٻن سالن کان گم آهي، جن کي بازياب نه ڪرائڻ تي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، نااهل حڪمران معصوم ٻارڙن جو پتو به نه لڳائي سگهيا آهن. هنن چيو ته جڏهن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي حڪمراني ۾ آئي آهي ان ڏينهن کان سنڌ ۾ اغوا ڪاري، قتل، بدامني جو راڄ قائم ٿيو آهي. هنن چيو ته اڄ سنڌ ۾ صحافين کي گوليون هڻي سري عام قتل ڪيو وڃي ٿو، پر جوابدار گرفتار نٿا ٿين.

Nasrullahgadani ParyaKumari Protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.