اسٽيبلشمينٽ”ڊجيٽل بمباري“ تي ڪاوڙيل،پي ٽي آءِ لاءِ ٻيهر سخت پيغام

اسلام آباد/راولپنڊي(عمران شفقت+ڊاڪٽر دانش+معظم فخر)فارميشن ڪمارنڊرز اجلاس جو ماحول گرم رهيو،ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس الڳ سان جاري آهي، فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس فوج جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ترين ڪانفرنس هوندي آهي جنهن 9 مئي جي منصوباسازن ۽ ذميوارن کي ڪنهن به قسم جي معافي ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو به منصوباساز آهي،سهولتڪار آهي،ذميوار آهي ان کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي، اها عمران خان،سهولتڪار ججن ۽ پي ٽي آءِ جي نا سمجهه ڌمڪي ڏيندڙ اڳواڻن لاءِ واضح ڊائريڪشن آهي،جڏهن ته پهريون پاڪستان جي طاقتور اداري پاڪستان مٿان ”ڊجيٽل بمباري“ جي مسئلي جو ازالو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،سوشل ميڊيا جي ذريعي ادارن خلاف پروپيگنڊا کي ڊجيٽل دهشت گردي سان منسوب ڪيو ويو آهي،حمود الرحمان ڪميشن بابت سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي وائرل وڊيو ”اداري“ اندر پي ٽي آءِ جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي،ان جي ڪري اسٽيبلشمينٽ اندر عمران خان لاءِ ٿوري گهڻي بچيل حمايت جو ماحول به ختم ڪري ڇڏيو آهي،بئريسٽر گوهر خان موجب عمران خان يحيٰ خان ۽ شيخ مجيب الرحمان بابت بيان کان لاتعلقي ڏيکاري آهي،اها پوسٽ اڃا به عمران خان جي وال تي موجود آهي، عمران خان بئريسٽر گوهر جي ان بيان جي نفي ڪندي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي ته غلامي ماڻهن کي ننڍو ڪندي آهي ۽ ننڍا ماڻهو ڪڏهن به وڏو ڪم نٿا ڪري سگهن،انسان جي غيرت ۽ آزادي گڏجي ان کي هڪ وڏو انسان بڻائيندا آهن، هن چيو ته حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ مطابق فرد واحد يحيٰ خان پنهنجي طاقت وڌائڻ خاطر فوج کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو، ان شخص پنهنجي ضد ۽ انا جي ڪري فوج کان هٿيار ڦٽا ڪرايا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 31 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

PTI Digitalwar Socialmedia Establishment

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.