آرمي چيف جنرل عاصم منير سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جنرل هيڊ ڪوارٽر پهتو جتي سندس آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ملاقات دوران آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ آذربائيجان سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر به ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ هن علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبي ۾ مڪمل سهڪار جاري رکندو.

ISPR Azerbaijan COAS

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.