گهوٽڪي(ڊ ر)بيباڪ صحافي شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي ياد ۾ سموري سنڌ جيان گهوٽڪي ۾ به نوجوانن سول سوسائٽي گهوٽڪي پاران پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي،قل شريف پڙهي شهيد جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي,جڏهن ته سول سوسائٽي جي اڳواڻن، نصرﷲ ڪلادي،منظور گولاٽو ،احسان ڪلادي، اعظم چاچڙ، طارق ڪلادي ،ابوبڪر ڀٽو لطيف ميراڻي،فدا حسين ملڪ، سڌير ميراڻي، نادر جسڪاڻي، ياسين ميراڻي ، عرفان آرائين، نور حسن گھوٽو،زبير گھوٽو،عباس گڏاڻي، اشفاق گھوٽو ،۽معصوم نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن۽ ٻين پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهريان شهيد جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي مقررن چيو ته شهيد نصرﷲ گڏاڻي سنڌ جي مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جو ترجمان هو