ڪراچي ( رپورٽر ) جيڪو 28 مئي تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير (عوامي موڪل) هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو هو، واضح رهي ته انٽر جا امتحان پهرين جون کان شروع ٿي رهيا آهن، ڪجهه امتحاني سينٽرن تي ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان هڪ ئي وقت ٿيندا، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي امتحاني سينٽرن پاران 2 جون آچر تي ٿيندڙ پيپر ملتوي ٿيڻ سبب مقرر امتحاني مرڪزن ۾ ئي ورتا ويندا. رپورٽ مطابق صبح جي شفٽ ۾ نائين ڪلاس سائنس گروپ جو اردو ۽ لازمي نارمل ڪورس، سنڌي نارمل ڪورس لازمي، جاگرافيا آف پاڪستان پرچو پهريون، انگريزي ادب اردو لازمي ٻيو، ۽ شام جي شفٽ ۾ جنرل گروپ ٻئي درجي جو عربي،فارسي پيپر ٻيو، حساب ڪتاب ۽ لاڳاپيل مسئلا پيپر ٻيو ورتو ويندو.
-
خيرپور: ريلوي پٽڙي تي ڪريڪر بم ڌماڪو،ٽرينون روڪيون ويون
خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي فيض آباد ڪالوني ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڪريڪر بم جو ڌماڪو ڌماڪي سبب ريلوي ٽريڪ تان پٽڙي اُڏامي وئي اطلاع ملڻ تي ريلوي پوليس ۽ حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي وئي ٽريڪ ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آھي ته خيرپور جي فيض آباد ڪالوني ڀرسان رفيق ميرج ھال وٽ ريلوي جي پٽڙي تي ڪريڪر بم سان ڌماڪو ٿيو آهي جنھن سبب ڪو به جاني نقصان ناھي ٿيو پر پٽڙي ڌماڪي سبب اڏامي وئي آھي جڏھن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريلوي پوليس توڙي حد جي پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پھتي آھي ان سلسلي ۾ ريلوي پوليس جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ جي بحالي جو ڪم جاري آهي جڏھن ته ڪريڪر ڌماڪي بعد علائقي واسين هڪ ڄڻي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ بم ڌماڪو ڪندڙ ٽي ڄڻا هئا جن ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ڪيو ۽ سندن ٽارگيٽ پاڪستان ايڪسپريس ٻڌايو پيو وئي جڏهن ته ٻين ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي بيھاريو ويو آهي ۽ ريلوي ٽريڪ جو ڪم تيزي سان جاري آهي جڏھن ته پڪڙيل جوابدار پوليس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري کائونس پڇا ڳاڇا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي.