ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن وزير اعظم شهباز شريف کان صوبي جي يونيورسٽين کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ 16 ارب رپين جي درخواست ڪئي آهي. گذريل ڏينهن هڪ هنگامي اجلاس کانپوءِ 21 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن پنهنجي صحيحن سان وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي اسان سنڌ صوبي جي 29 سرڪاري يونيورسٽين سميت پوري پاڪستان جي صوبائي يونيورسٽين کي گرانٽس جي معطلي تي سخت ڳڻتي آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ذريعي سنڌ جي يونيورسٽين کي 13 ارب رپين کان وڌيڪ رقم فراهم ڪري ٿي ۽ اها رقم 2018ع کان سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ لڳ ڀڳ منجمد آهي. . جن وائيس چانسلرن خط لکيو آهي انهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي،جناح سنڌ يونيورسٽي ، اين اي ڊي يونيورسٽي ، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ، ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ، سنڌ مدرسي يونيورسٽي ، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ، سکر يونيورسٽي ، نوابشاهه يونيورسٽي ، الله بخش سومرو يونيورسٽي ، اسڪل يونيورسٽي خيرپور ، قائد عوام يونيورسٽي ، سکر وومين يونيورسٽي ،اروڙ يونيورسٽي سکر ۽ ٻين يونيورسٽين جا وائيس چانسلر شامل آهن.