اوٻاوڙو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ، نوجوان مارجي ويو

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ ۽  پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ مريد شاخ جو رھواسي ظھور احمد دشتي پنھنجي ڀيڻ سان ملڻ  لاءِ ماڇڪو واري علائقي ڏانھن وڃي رھيو ته رستي نامعلوم ھٿيار بندن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب نوجوان ظھور احمد دشتي موقعي تي مارجي ويو جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي ماڇڪو پوليس ۽ وارث واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو نوجوان لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واقعي جو ڪارڻ سولنگي برادري جي ناري سان پيار جو پرڻو ٻڌيو پيو وڃي، ان موقعي تي مقتول جي والد غلام محي الدين ٻڌايو ته منھنجي پٽ ظھور احمد 3 مھينا اڳ سولنگي برادري جي ناري شھناز سولنگي سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رھيو ھو ته  بااثر ماڻھن ۽ پوليس جي مداخلت کي ناري کي رستي مان واپس ڪيو ويو ھو،  اڄ منھنجو پٽ ماڇڪو ڏانھن ڀيڻ سان ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ انھي  دشمني جي ڪري سولنگي برادري جي هٿياربندن ظھور احمد کي قتل ڪيو آھي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.