60 ورهين جي ڪنواري بالي ووڊ اداڪارا نيٺ ڪنهن سان شادي ڪئي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سينيئر اداڪارا سهاسني ملي پنهنجي شادي جي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن 60 ورهين جي عمر ۾ پهريون ڀيرو شادي ڪئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هر ڀيري ڪجهه ڏينهن ۾ سلمان خان جي شادي بابت خبرون ميڊيا ۾ گردش ڪنديون رهن ٿيون، پر بالي ووڊ ۾ هڪ اهڙي سينيئر اداڪارا به موجود آهي جنهن ڇهه ڏهاڪا غير شادي شده رهڻ کانپوءِ شادي جو فيصلو ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سهاسني مولئي 60 ورهين تائين شادي نه ڪرڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته کيس ڪو مناسب ساٿي نه مليو. هن هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته سندس موجوده مڙس هڪ مشهور سائنسدان آهي ۽ ٻنهي جي شادي رڳو 75 ڏينهن اندر ٿي وئي هئي.

اداڪارا ٻڌايو ته هن فيس بوڪ تي اڪائونٽ پنهنجي هڪ دوست جي مشوري تي ٺاهيو هو ته جيئن کيس ڪم حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هڪ ڏينهن برائوزنگ دوران سندس نظر اتُل نالي شخص جي پروفائل تي پئي، جيڪو کيس دلچسپ لڳو، جنهن کانپوءِ هن کيس پيغام موڪليو.

سهاسني مولئي موجب شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي هڪ ٻئي جا اي ميل پتا ورتا. اتُل کيس ٻڌايو ته هو جيون ساٿي جي ڳولا ۾ آهي، پر هن ڪڏهن به سڌي ريت شادي جي آڇ نه ڪئي، بلڪه اشارن ۾ ڳالهائيندو رهيو. سندس چوڻ موجب وقت سان گڏ ٻنهي ۾ سٺي دوستي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هنن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سهاسني مولئي ٻڌايو ته رڳو 75 ڏينهن جي سڃاڻپ کانپوءِ هنن شادي ڪري ورتي.

واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سهاسني مولئي جي عمر هن وقت 75 سال آهي.

You might also like