ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پارٽي قيادت هاڻي وڏا منصوبا آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ بجيٽ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو سڀ کان وڏو خرچ پگهارن ۽ پينشن تي آهي. هن چيو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 2023 ۽ 2025 جا ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ مالي سال دوران گهٽ ۾ گهٽ آمدني 43 هزار رپيا هوندي.
رپورٽ موجب وڏي وزير چيو ته 26.2 ارب رپين جي گرانٽ ايس آءِ يو ٽي کي ڏني ويندي، جڏهن ته 155 ارب رپين جي گرانٽ مڪاني حڪومتن لاءِ رکي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ سال 2056 جاري ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون، جڏهن ته هلندڙ بجيٽ ۾ ڪا نئين اسڪيم شامل ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته باقي ٽيئي صوبا به پيپلز پارٽي جي قيادت ڏانهن ڏسي رهيا آهن ۽ پارٽي قيادت جي ڪردار سبب ايندڙ ٻن سالن ۾ وڏو فائدو ٿيندو. مراد علي شاهه موجب آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته هاڻي ننڍين ننڍين اسڪيمَن مان نڪري وڏو سوچيو وڃي ۽ وڏا منصوبا آندا وڃن. هن اميد ظاهر ڪئي ته پيپلز پارٽي جي منصوبابندي سبب حالتون بهتر ٿينديون.
مراد علي شاهه چيو ته وفاق کي اهڙا قدم کڻڻا پيا جيڪي اڳ غور هيٺ نه هئا. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي جي تجويز ڏني وئي، پر پيپلز پارٽي ان کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اهو آئين جي به ڀڃڪڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع ۽ يڪجهتي خاطر سڀني صوبن سهڪار ڪيو ۽ آئين جي آرٽيڪل 164 تحت صوبن وفاق کي گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي وفاق کي رقم ڏني، جڏهن ته اهڙي گرانٽ ڏيڻ لاءِ صوبن کي يقيناً هڪ قيمت به ادا ڪرڻي پئي آهي.