ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مختلف سياسي، ديني، قوم پرست جماعتن، اقليتن، صحافين توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني توڙي ڌاڙيل راڄ کي حڪومتي ناڪامي قرار ڏيندي 02 جون تي بدامني خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪندي گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ڏوهاري توڙي سندن سرپرستي ڪندڙ بااثر ڌُرين خلاف ڀرپور ۽ نتيجه خيز آپريشن ڪيو وڃي، پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي، وڏيرن جي پرچي بدران قابليت ۽ سٺي ساک رکندڙ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. قبيلائي جهيڙا سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن پروفيسر اجمل ساوند سميت سوين ماڻهو ان بَلا جو کاڄ بڻجي ويا آهن. پريا ڪماري، فضيلا سرڪي کي آزاد، نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر جي قاتلن توڙي ماسٽر مائنڊ کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي ميزباني ۽ مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو، مولانا عبدالڪريم عابد جي يو آءِ، ملي يڪجهتي ڪونسل جي مولانا اسدالله ڀٽو، شيعه علما ڪونسل علامه ناظر عباس، جي يوپي علامه قاضي احمد نوراني، ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب خان، عوام تحريڪ صاحبزاده ثاقب مجلس وحدت المسلمين مبشر حسن، (ق) ليگ جيصادق شيخ، منارٽي ونگ جي يونس سوهن، ساجن ڊهلوان، علماء مشائخ جي صاحبزاده پير احمد عمران نقشبندي، راڄوڻي اتحاد جي ڊاڪٽر امتياز پالاري، جمعيت اتحاد العلماء جي مولانا عبدالوحيد، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا پڻ خطاب ڪيو. لياقت بلوچ خطاب ڪندي چيوته سڄو ملڪ لاقانونيت جي لپيٽ ۽ سنڌ ڌاڙيلن جي وَر چڙهيل آهي. ڏوهارين توڙي سرپرستن کي پ پ جي سنڌ حڪومت جي مڪمل پُٺڀرائي حاصل آهي. سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي امن مسئلي لاءِ مارچ ڪرڻ گهرجن. 08 فيبروري جي چونڊن ۾ ردوبدل ۽ فارم 45 جي پامالي ڪري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام عروج تي آهي. سول ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ انڌي مداخلت ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري سياسي ادارا ڪمزور ۽ اسٽيبلشمينٽ طاقتور ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ سياسي توڙي معاشي بحران وڌي رهيو آهي، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪاوڙ ۽ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، جماعت اسلامي عيد کان پوءِ عوامي رابطي جي مهم شروع ڪندي. حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته عملي طور سنڌ صوبو لاوارث بڻيل آهي، هر طرف ظلم جو راڄ، لاقانونيت تاريخ جي عروج تي آهي. قيمتي سامان سان گڏ ھاڻي معصوم ٻارڙن کي به اغوا ڪرڻ جو ٽرينڊ ھلي پيو آھي پنو عاقل جو واقعو ان جو چٽو مثال آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي جي ڌاڙيلن جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ علائقه غير بڻيل آهي، زرداري لاءِ سنڌ هڪ ويڪائو مال آهي، عدليه ۽ بيورو ڪريسي کي چيو ويو ته پي پي سان نيهن نڀائڻو آهي. 72 ماڻهو صرف ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ماريا ويا آهن باقي سنڌ جي الڳ داستان آهي،هن چيو ته سنڌ کي سرداري ۽ وڏيرا شاھي مان نجات ڏيارڻي پوندي. پاڪستان جي مسئلن جو حل احتساب ۽ غير جانبدار خارجه پاليسي ۾ آھي،هن چيو ته ٻن ڏھاڪن کان سنڌ ۾ گورننس ۽ روزگار جو شديد بحران آھي. ڌاڙيلن جي سرپرستي سردار ۽ سردارن جي سرپرستي سنڌ حڪومت ڪري رھي آھي. صوبائي حڪومت سنڌ کي کي کنڊر بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ کي سرداري نظام، ڏوھن، ڪرپشن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنايو ويو آھي،مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته سنڌ جو عوام غير محفوظ ۽ هتي جهنگ جو قانون لاڳو ٿيل آهي. گلزار سومرو چيو ته بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن ذريعي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جو ماحول جوڙيو پيو وڃي. جڳديش آهوجا چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ رياستي پاليسي آهي، سياسي پارٽين کي مزاحمت ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. علامه ناظر عباس تقوي چيو ته امن حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي، پر سنڌ حڪومت ان ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي. مولانا عبدالڪريم عابد چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ پراڻو مسئلو آهي جنهن جي خاتمي لاءِ سول توڙي فوجي حڪومتون ڪڏهن به سنجيده ناهن رهيون. اقليتي رهنما يونس سوهن ايڊوڪيٽ چيو ته پريا ڪماري کي اغوا ٿئي وڏو عرصو گذري چڪو، پر هن وقت تائين بازياب ناهي ٿي جنهن ڪري اقليتي برادري سنڌ ۾ پاڻ کي غير محفوظ ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شعيب احمد خان چيو ته صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي، پر ڀوتار، سردار ۽ قاتل ياد رکن ته هو اسان کي اخبار ۾ خبر ڇاپڻ، ٽي وي چينل تي خبر هلائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڳالهائڻ کان روڪي نٿا سگهن. آخر ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر لاءِ مغفرت جي دُعا پڻ ڪئي وئي