ملڪ رياض خلاف جعلي ٽرانزيڪشن جو ڪيس تيار \اسٽيبلشمينٽ کي ڌمڪيون

اسلام آباد(فخر دراني+مزمل سهروردي)بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اهم سرڪاري  شخصيتن ملاقاتون ڪيون آهن، ملڪ رياض سڀني کي وائکو ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏئي چڪو آهي، هن وٽ سياستدانن،جنرلن،ميڊيا اينڪرن،ميڊيا مالڪن سميت اهم شخصيتن خلاف ثبوت به موجود آهن،اسلام آباد ۾ بحريا ٽائون جي آفيسن تي نيب ڇاپن کانپوءِ ملڪ رياض جو چوڻ آهي ته مان ڄمي بيٺو آهيان، ڪنهن  به صورت ۾ ڊيڄاري نٿو سگهجي،190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ملڪ رياض کي عمران خان خلاف واعدا معاف گواهه بڻجڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو، جنهن تي هن انڪار ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض عمران خان کي يونيورسٽي لاءِ 458 ڪنال زمين ڏيڻ سان گڏ ڪجهه نقد رقم به موڪلي هئي جنهن جي ٽرانزيڪشن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن،انهن مان هڪ 50 ملين، 100 ملين رپين سميت ڪيترائي ملين رپيا موڪليا ويا،جڏهن ته تازو ملڪ رياض سان اهم شخصيتن ملاقاتون ڪري کيس چيو ويو ته عمران خان صفا رياست مخالف ٿي بيٺو آهي ،توهان 190 ملين پائونڊ ۾ واعدا معاف گواهه بڻجي وڃو، جنهن تي ملڪ رياض انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته منهنجا سمورن سياسي اڳواڻن سان واسطا آهن، جيڪڏهن مان انهن کي ڪا فيور ڏني آهي ته انهن جي حڪومتن ۾ فيور ورتي به آهي،جنهن تي سرڪاري آفيسرن ملڪ رياض کي چيو ته ڇا اهو توهان جو آخري فيصلو آهي جنهن تي ملڪ رياض جواب ڏنو ته توهان ڪروڙين اربين رپين جا وسيلا خرچ ڪرڻ بدران هڪ 10 رپين واري گولي وٺو ۽ مون کي ماري ڇڏيو،مان مرڻ قبول ڪندس،هن عمر ۾ نه رڳو عمران خان پر ڪنهن به پارٽي جي اڳواڻ خلاف واعدا معاف گواهه نه بڻجندس،ذريعن موجب انهن ملاقاتن کانپوءِ اهي آفيسر وطن واپس موٽيا جنهن بعد  نيب بحريا ٽائون خلاف سرگرم ٿي وئي آهي،جڏهن ته اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته 2014ع ۾ ن ليگ جي حڪومت دوران پي ٽي آءِ جي 126 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ کاڌي پيتي جو سمورو خرچ ملڪ رياض پاران ڪيو ويو هو اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته اسلام آباد ۾ ايمبيسي روڊ تي ملڪ رياض جو جيڪو گهر آهي ان ۾ سياستدان، جنرل،اينڪر،صحافي،ميڊيا مالڪ جيڪي به ملڪ رياض سان ملاقات ڪرڻ ويندا آهن ان ملاقات جي سموري رڪارڊنگ ڪئي ويندي آهي ان ڪري ئي ملڪ رياض سڀني کي وائکو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي،ملڪ رياض کان آرمي چيف ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پئسا نه ورتا آهن ان ڪري هو ٻنهي تي ڪاوڙيل آهي،

لاهور(معظم فخر) ملڪ رياض سياسي منظرنامي تي هلچل  مچائيندي رياست ۽ سياسي اشرافيه کي چئلينج ڪري ڇڏيو،ملڪ رياض کي ڪنهن طاقت جي پٺڀرائي حاصل آهي،اينڪر جاويد چوڌري سان هن جي آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي جنهن ۾ ملڪ رياض چئي رهيو آهي ته مون وٽ سڀني جون فائلون پيل آهن اهي کوليون ته سڀ اگهاڙا ٿي ويندا، رياست سندس ڌمڪي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، بحريا ٽائون جي آفيسن تي ڇاپن کانپوءِ اهم ترين رڪارڊ ۽ ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ قبضي ۾ ورتيون ويون آهن،ملڪ رياض جون ڪجهه وڌيڪ ٽوئٽس آيون آهن جنهن ۾ هن مولا علي عليه سلام جو اهو فرمان لکيو ته ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو،ظلم جو نه، ملڪ رياض واعدا معاف گواهه نه بڻجندو،جيترو چاهي مون تي ظلم ڪريو، راولپنڊي ۾ بحريا ٽائون جي آفيسن تي سرڪاري مشينري بغير ڪنهن قانوني اختيار جي ڇاپا هنيا اهن، ڪنهن به سياسي اقتدار جي جدوجهد ۾ ڌر نه بڻجڻ کان پنهنجي عوامي اعلان کانپوءِ مون کي ظلم ستم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مان بحريا ٽائون خلاف انهن فاشسٽ،غيرقانوني،ڌمڪين وارن قدمن جي سخت مذمت ڪريان ٿو، آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، سيڪيورٽي ۽ عملي کي هراسان ڪري اغوا ڪيو ويو،ڇاپا مار ٽيم 5 هزار کان وڌيڪ اهم پراجيڪٽ فائلون،آفيس رڪارڊ،23 ڪمپيوٽر،نيٽ ورڪ ڊيٽا، محڪماڻي ڪيش ۽ 9 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن،هن چيو ته بحريا ٽائون جي عملي جا 9 ماڻهو کنڀيا ويا آهن، عمارت کي 50 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي،هن چيو ته مان طاقت جي راند ۾ڪٺ پتلي نه بڻجندس، وزيراعظم، وزيراعليٰ پنجاب، گهرو وزارت،نيب،ايف آءِ اي جي سربراهن کي اپيل آهي ته بحريا ٽائون جي عملي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ کنيل سامان واپس ڪيو وڃي،عوام قانون جي حڪمراني جي بحالي ۾ منهنجو ساٿ ڏئي

اسلام آباد(عمر چيما) پي ٽي آءِ پاران ملڪ رياض جي حمايت ۾ مهم هلائي پئي وڃي،ڇو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ مبينه طور  ملڪ رياض عمران خان خلاف گواهه بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي حالانڪه نيب راولپنڊي بحريا ٽائون جي آفيسن تي گذريل ڏينهن جيڪي ڇاپا هنيا ان ۾ گليڪسي ٽريڊنگ ڪمپني جو حوالو ڏنو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ کي گليڪسي ٽريڊنگ ڪمپني جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن هٿ اچڻ بعد نيب سرگرم ٿي وئي، نيب ذريعن موجب ملڪ رياض خلاف ڪيسن جا انبار آهن، گذريل ڏينهن واري ڇاپي کي القادر ٽرسٽ ڪيس سان جوڙيو ويو جيئن عمران خان خلاف انتقامي ڪارروائي جو پٽڪو ڪري ملڪ رياض لاءِ حمايت جو ماحول جوڙي سگهجي،جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ملڪ رياض آصف زرداري سان گڏ به شريڪ جوابدار آهي، صدارت جي عهدي تي هئڻ ڪري هن وقت آصف زرداري کي آئيني ڇوٽ مليل آهي،جڏهن ته جعلي اڪائونٽس ٽرانزيڪشن ذريعي بحريا ٽائون پاران آصف زرداري کي 10 ارب رپيا موڪليا ويا هئا،ملڪ رياض تي 460 ارب رپين جي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ ۽ ايس ٽي آر جا به ڪجهه ڪيس هلندڙ آهن،ڪجهه ڪيسن ۾ ملڪ رياض سان گڏ اومني گروپ به ملوث آهي،زمينن تي قبضن جا به ڪيس هلندڙ آهن،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آصف زرداري ملڪ رياض سان گڏ بيٺو آهي يا اسٽيبلشمينٽ سان گڏ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.