بلوچستان ۾ بس کاهي ۾ ڪِري پئي، عورتن ۽ ٻارن سميت 28 ڄڻا اجل شڪار،22 زخمي

واشڪ ( م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ مسافر بس کي حادثي جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ڪلغلي ۾ مسافر بس کي حادثو ثائر برسٽ ٿيڻ سبب پيش آيو، بس گوادر کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي.ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب بس ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ۽ کاهي ۾ وڃي ڪِري جنهن جي نتيجي  ۾6 ڄڻن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.ليويز اختيارين موجب، حادثي جي اطلاع ملندي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 22 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جنهن ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.