احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر، جسٽس محسن ڪياني پاران ادارن ۾ ڊائلاگ جي تجويز

اسلام آباد/لاهور(معظم فخر+بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ڪشميري شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شاعر احمد فرهاد  جي خبر پئجي وئي آهي، احمد فرهاد  ضلعي باغ ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ آهي جوابدار نامزد آهي. هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي ادارا تڏهن ئي هوندا، جڏهن قوم هوندي ۽ عوام هوندو. اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت ۾ پيش ٿيا. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ به عدالت ۾ موجود هو. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل آزاد ڪشمير جي ڌيرن ڪوٽ پوليس جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته احمد فرهاد کي گرفتار ۽ پوليس حراست ۾ آهي. اميد ته ادارا قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ سکندا. جسٽس محسن اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل قانون جي دائري ۾ رهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، کيس ڪوهالا پل تان گرفتار ڪري اتان جي حد ڄاڻائي وئي آهي، هي ته شريف ماڻهو آهي، شريف ماڻهو آهي. اميد ته ادارا قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ سکندا. ڪنهن جي به ايجنسين سان ذاتي دشمني ناهي. محسن اختر ڪياني چيو ته اسان بنيادي حقن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي، ڪنهن جي ايجنسين سان ذاتي دشمني ناهي. ان موقعي تي اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين اسان جي پهرين ترجيح آهي. جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته تارڙ صاحب هي ڪا ادارن جي ويڙهه ناهي. احمد فرهاد جي ڪٽنب کان پڇي ٻڌايو ته پٽيشن اڪلائينداسين، هي ادارا تڏهن هوندا، جڏهن ملڪ ۽ عوام هوندو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي ادارا تڏهن ئي قائم رهندا، جڏهن ملڪ قائم رهندو ۽ عوام به رهندو. بدقسمتي سان سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه هلي رهيو آهي، مان ته سوشل ميڊيا نٿو ڏسان، ان ڪري مونکي پرواهه ناهي. مان ته ٽي وي به نه ٿو ڏسان. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت لارجر بينچ ٺاهڻ لاءِ فائل موڪلي ڇڏيندس. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،جڏهن ته احمد فرهاد کي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي عدالت طلب ڪرڻ جي خواهش پوري نه ٿي  سگهي،ڪيس جي سڌي ريت ڪوريج به نه ٿي سگهي،جسٽس محسن ڪياني ادارن وچ ۾ ڊائلاگ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.