شهيد نصرالله جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڊي آءِ جي عوام کان مدد گهري ورتي

گهوٽڪي(ڊ_ر) گهوٽڪي پوليس شهيد نصرالله جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو. ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهيو، هفتو گذرڻ باوجود واقعي کي مونجهاري جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واقعي بابت ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ جو چوڻ ته پوليس آفيسرن جي ٽيم شهيد صحافي جي قتل ڪيس بابت ڪم پئي ڪري، انشاءَ الله جلد قاتل قانون جي پڪڙ ۾ هوندا.ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ جو چوڻ آهي ته افسوس ناڪ واقعي بابت ڪنهن به ماڻهو کي ڪا ڄاڻ هجي ته هن واٽس ايپ نمبر 03337529252 تي اطلاع ڪري، ڄاڻ ڏيندڙ شخص جو نالو به راز ۾ رکيو ويندو انشاءَ الله جلد قاتل قانون جي پڪڙ ۾ هوندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.