ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ اڳوڻي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير کي مضبوط اميدوار بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي اعلي عهديدارن ۾ ڪوچنگ جي حوالي سان مشاورت ٿي آهي.
ذريعن موجب، گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ ڪوچنگ واري معاملي تي تبصرو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ موجودا هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ جي آخري اسائنمينٽ آهي، ڀارتي بورڊ ٽيم جي نئين ڪوچ لاءِ پرڏيهي بدران ڏيهي ڪوچ جي حق ۾ آهي.
واضح رهي ته گوتم گمڀير جي ڪوچنگ ۾ئي شاهه رخ خان جي فرنچائزا ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز تازو ئي آءِ پي ايل جي 17 هين ايڊيشن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
GautamGambhir BCCI Indiancricketteam