ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ بعد 7 هزار کان وڌيڪ بلاڪ ٿيل موبائيل سمون بحال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر جي طرفان نان فائلرز خلاف ڪارروائي جا هاڪاري اثر سامهون اچڻ لڳا آهن.
ايف بي آر ذريعن موجب، ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻتي ست هزار 167 ماڻهن جون سمون بحال ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هنيئر تائين 65 هزار نان فائلرز جي ڊيٽا ٽيلي ڪام ڪمپنين سان شيئر ڪئي وئي آهي، ڪمپنين کي نان فائلرز جي موبائيل سمون بلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، گڏيل طور تي 5 لک 6 هزار 671 نان فائلرز جي فهرست تيار ڪئي وئي هئي.
واضح رهي ته انڪم ٽئڪس جنرل آرڊر تحت نان فائلرز جون سمون هوريان هوريان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

FBR SIms Pakgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.