پي ٽي آءِ چونڊ نشان واپس وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) اليڪشن ڪميشن جو چونڊ نشان واپس وٺڻ جو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ نشان واپس وٺڻ جي اختيار کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 17 جي شق 2 تحت ڪنهن به سياسي پارٽي کي اليڪشن وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، عام چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس وٺڻ اليڪشن ڪميشن جو غيرقانوني قدم هو.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.