آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ، ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني بالر جاءِ نه ٺاهي سگهيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان مان محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽاپ فائيو ۾ شامل آهن جڏهن ته ڪو به بالر ٽاپ ٽين ۾ جڳهه ناهي ٺاهي سگهيو.
آءِ سي سي جي نئين ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ ۾ ڪا به نمايان تبديلي ناهي آئي،بيٽرن ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو بدستور پهرئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٻي ۽ محمد رضوان جي ٽين پوزيشن آهي.
ڪپتان بابر اعظم جو رينڪنگ ۾ چوٿون نمبر آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي ڪپتان جوش بٽلر هڪ درجو بهتري کانپوءِ ستين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جي حڪمراني قائم آهي، پاڪستان جو ڪو به بالر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، پر شاهين آفريدي ٽي درجا بهتريءَ سان 12 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.

ICC Pakistancricketteam T20Cricket

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.