ميٽرڪ بورڊ ڪراچي 28 مئي تي ملتوي ٿيل پرچي جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

خڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته 28 مئي تي يومِ تڪيبر سبب متلوي ٿيل پرچو آچر ٻه جون تي ورتو ويندو.
ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي جي وقتي امتحانن جي ناظم خالد احسان موجب 28 مئي تي سموري ملڪ ۾ يومِ تڪبير سبب ملتوي ٿيندڙ پيپر آچر ٻه جون تي ورتو ويندو.
واضح رهي ته پهرين جون کان انٽرميڊئيٽ جا امتحان شروع ٿي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه امتحاني مرڪزن ۾ هڪ ئي وقت ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان جاري رهندا، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملتوي ٿيل پرچو ٻه جون آچر جي ڏينهن ملتوي مقرر امتحاني مرڪزن تي ئي ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.