عدت ڪيس، جج تي ڪيس نه ٻڌڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو: بئريسٽر گوهر جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر الزام لڳائيندي چيو آهي ته عدت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج تي ڪيس نه ٻڌڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو آهي.
اسلام آباد جي سيشن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ نوَ وڳي ڪيس جو فيصلو ٿيڻو پر عدالت جي ڪمري ۾ پراسيڪيوٽر موجود نه هيو جڏهن ته خاور مانيڪا عدالت ۾ عمران خان خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته خاور مانيڪا طرفان جج تي بي اعتمادي جي پهرين درخواست آئي هئي جيڪا رد ٿي جنهن جي جواب ۾ هو هاءِ ڪورٽ نه ويو، پر اڄ محترم جج چيو ته هو پاڻ هاءِ ڪورٽ جي جج کي خط لکندو ڪيس هو ٻڌندو يا ڪو ٻيو.
هن وڌيڪ چيو ته عدت ڪيس هڪ تاريخي ڪيس آهي جيڪو ٻن ڏينهن اندر ٻڌايو ويو ۽ ان ۾ ڪراس ايگزيمنيشن جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته اسان کي ثبوت پيش ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي.

Iddatcase ImranKhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.