روهت شرما جي گهرواري به فلسطنين جي حق ۾ ميدان تي اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي زال ريتيڪا سجدي طرفان به فلسطينين جي حق ۾ وائرل پوسٽ ” ALL EYE ON RAFAH‘ “ شيئر ڪئي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائڱرل پوسٽ کي جتي سموري دنيا جي هر خاص ۽ عام ماڻهو رفع جي حق ۾ پنهنجي اڪائونٽس تان شيئر ڪيو اتي ڪيئي ڀارتي فنڪارن به اِها پوسٽ شيئر ڪري فلسطينن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو .
گذريل ڏينهن روهت شرما جي گهرواري ريتيڪا سجدي طرفان به پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي فلسطين جي حق ۾ پوسٽ شيئر ڪئي جيڪا سخت تنقيد کانپوءِ کيس ڊليٽ ڪرڻي پئي.
ريتيڪا غزا جي مظلوم فلسطينين جي حق ۾ اِها پوسٽ شيئر ڪندي انتهاپسندن جي ورچڙهي وئي، کيس شرپسند، تعصب پرست ڀارتين طرفان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو .
ياد رهي ته اسرائيلي ظلمن خلاف سوشل ميڊيا تي وائرل پوسٽ ” ALL EYE ON RAFAH “ مان مراد غزا جي علائقي رفع ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي آهي جتي اٽڪل هڪ ڏهائي چار ملين کان وڌيڪ فلسطيني پناهه جي تلاش موجود آهن.

Rohitsharma IndianCricketteam RitikaSajdeh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.