گهر ويٺي قرباني جو جانور گهرائڻ لاءِ اپليڪيشن لانچ

پنجاب حڪومت عيدالضحيٰ جي موقعي تي جانور جي واپار ۽ عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پهرين اي ڪيٽل مارڪيٽ جهڙو شاندار پليٽ فارم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ طرفان اهڙو پليٽ فارم شهرين جي قرباني جي جانور پنهنجي گهر ويٺي آنلائن خريد ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو آهي.
ڪيٽل مارڪيٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني جي چيئرمين ابراهيم طارق شفيع ايپ جي فائدن تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايپ ذريعي شهري هاڻ مال پڙين جو دورو ڪرڻ بغير ئي پنهنجي پسند جو جانور خريد ڪري سگهندا، انهن سان نه صرف مال پڙين ۾ رش گهٽجي ويندي پر وقت ۽ پئٽرول جي به بچت ٿيندي.
ايپ جي وڏي خاصيت اها آهي ته واهپيدار پنهنجي پاڻ قيمت به مقرر ڪري سگهن ٿا، هڪ ڀيرو جانور جي چونڊ ڪرڻ بعد دڪاندار ۽ واپاري پاڻ ئي رابطو ڪندا.

PunjabGovt Cattle application

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.