ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ هلندڙ سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به گرمي ۾ واڌ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي شهر ۾ گرمي پد ۾ واڌ جا امڪان آهن، شهر ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
طبي ماهرن طرفان شهرين کي وڌ کان وڌ پاڻي جي استعمال جو مشورو ڏنو ويو آهي.
Karachi Temperature Pakistan