ملڪ ۾ قهر جي گرمي، اڊيالا جيل جي قيدين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ جاري گرميءَ جي سخت لهر کي نظر ۾ رکندي اڊيالا جيل ۾ سمورن قيدين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
جيل سپرنٽنڊنٽ اسد وڙائچ موجب، اڊيالا جيل ۾ سمورن قيدين کي ٿڌي پاڻي جي دستيابي لاءِ واٽر چلرز لڳايا ويا آهن.
جيل سپرنٽنڊنٽ موجب، گرميءَ جي شدت ۾ واڌ سبب سمورن قيدين کي ايئر ڪولرز ڏنا ويا آهن، قيدين جي بيرڪس ۾ ايگزاسٽ فينز به لڳايا ويا آهن ۽ سمورين قيدين جي ڪمرن ۾ پکن جي مرمت پڻ ڪئي وئي آهي.
اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ موجب، جيل ۾ هيٽ اسٽروڪ يونٽ به قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر دستياب هوندا، قيدين کي ڏينهن ۾ به ڀيرا لسي ۽ ليمي جو پاڻي ڏنو پيو وڃي.
جيل سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي ۽ شاهه محمود قريشي کي به سهولتون ڏنيون ويون آهن.

 

AdyalaJail ImranKhan Heatwave

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.