سنڌ جي يونيورسٽيز وزير اعظم کان 16 ارب رپيا گهري ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽيز جي وائس چانسلرز وزير اعظم شهباز شريف کي خط لکي 16 ارب رپيا گهري ورتا آهن.
21 يونيورسٽيز جي وي سيز هنگامي اجلاس بعد وزير اعظم کي پنهنجي خط لکندي وفاقي حڪومت طرفان گرانٽ روڪڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هنن لکيو ته وفاقي حڪومت هائر ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي سنڌ جي يونيورسٽيز کي 13 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي هئي، جيڪا 2018 کانپوءِ بند آهي.
خط ۾ لکيو ويو ته اوهان جي وزير اعظم بڻجڻ بعد اسان جون اميدون آهن ته اوهان تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ مالي معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا.
وي سيز جو چوڻ هو ته شاگردن جي فيسن ۾ واڌ بعد نوجوانن ۾ بدامني ۽ احتجاج جو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.
PrimeMinister ShahbazSharif Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.