پاڪستان ۾ بلٽ پروف ۽ بم پروف گاڏي رکڻ لاءِ ڇا ڇا ضروري آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت بلٽ پروف گاڏي رکڻ جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائنس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پاليسي ۾ انفرادي طور تي يا ڪمپني لاءِ بلٽ پروف گاڏي جي حصول لاءِ شرطون لاڳو ڪيون ويون آهن، پاليسي موجب ڪمپنيز جي گاڏي کي بم پروف ۽ بلٽ پروف جو اجازت نامو 72 ڪلاڪن ۾ جاري ڪيو ويندو، ڪمپنيز 30 ڪروڙ رپيا ڏئي اهڙو اجازت نامو حاصل ڪري سگهندا.
انفرادي شخص 3 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪري بلٽ پروف ۽ بم پروف گاڏي رکڻ جو اهل هوندو.
بلٽ پروف گاڏي جي وڪري ۽ خريداري لاءِ گهرو وزارت جو اجازت نامو وٺڻ لازم هوندو.
30 ڪروڙ ٽئڪس ڏيڻ واري کي 2 گاڏيون، 50 ڪروڙ رپين تائين ٽئڪس ڏيڻ واري کي 3 گاڏيون رکڻ جي اجازت هوندي.
هڪ ارب رپيا ڏيڻ واري کي 4 بلٽ پروف گاڏيون رکڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته هڪ ارب کان وڌيڪ ٽئڪس جمع ڪرائيندڙ 6 گاڏيون رکي سگهندا.
گاڏين جي 6 مهينن ۾ ٽئڪس ادائگي نه ٿيڻ تي اجازت نامو ڪينسل ڪيو ويندو.
Pakistan bulletproof bombproof

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.